پرويز مشرف بلوچ اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي قتل ڪيس مان آجو، آفتاب شيرپائو ۽ شعيب نوشيرواني به جند ڇٽي وئي

ڪوئيٽا (م.ڊ) ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي قتل ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو، ان کانسواءِ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير آفتاب احد شيرپائو ۽ بلوچستان جي اڳوڻي گهرو وزير شعيب نوشيرواني کي به ان ڪيس مان آجو ڪيو ويو آهي، ميڊِيا رپورٽن مطابق ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،ان موقعي تي اڳوڻو وفاقي گهرو وزير آفتاب احمد شيرپائو عدالت ۾ پيش ٿيو،ٻڌڻي دوران عدالت مختصر فيصلو جاري ڪندي اڳوڻي صدر پرويز مشرف، آفتاب احمد شيرپائو ۽ شعيب نوشيرواني کي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نواب اڪبر بگٽي جي پٽ جميل اڪبر بگٽي جي قبر ڪشائي واري درخواست رد ڪئي وئي، ٻڌڻي کانپوءِ جميل اڪبر بگٽِي عدالتي فيصلي تي اعتراض واريندي ان کي هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو. واضح هجي ته نواب اڪبر بگٽي 26 آڪٽوبر 2006ع تي بلوچستان جي جبلن ۾ هڪ آپريشن دوران شهيد ٿي ويو هو، جنهن جو ڪيس 2009ع ۾ بلوچستان هائيڪورٽ جي حڪم تي داخل ٿيو،ان ڪيس ۾ آزاد ٿيل ٽنهي جوابدارن سوڌو 12 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *