پرويز مشرف انتظار ۾ آهي ته الطاف حسين لنڊن ۾ ڪڏهن ٿو گرفتار ٿي، ته هو پارٽي جو قائد بڻجي وڃي: ڊاڪٽر قادر مگسي

سکر(بيورو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پرويز مشرف انتظار ۾ آهي ته الطاف حسين لنڊن ۾ ڪڏهن ٿو گرفتار ٿي، ته هو پارٽي جو قائد بڻجي وڃي، بلديا سانحي ۾ ايم ڪيو ايم ذميوار آهي، کيس هاءِ پروفائل واقعن جي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، کوسا هائوس سکر پارٽي اجلاس کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ آصف علي زرداري سڀ ڪجهه وردي وارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت طرفان سنڌ ۾ دهشتگردي۽ ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ  ڪيل ڳالهين تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري بيگناهه ماڻهن کي ماريو ۽ ڦريو لٽيو پيو وڃي، هن جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري جي شگر ملن جي ڪري هارين ۽ آبادگارن کي ڪمند جو اگهه ڏيڻ بدران سندس رت چوسيو ويو ، هاڻي وري سرڪار سنڌ جي گدامن ۾ ڪڻڪ موجود هجڻ باوجود ٻاهران ڪڻڪ گهرائي آبادگارن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدو عوام جي سامهون ظاهر ڪيو وڃي، عمران خان ڳالهيون سٺيون ڪندوآهي، پر جلد ويساري ويهندو آهي، نواز شريف طرفان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا، سندس حڪومتي دور پورو ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ کيس هڪ به همدرد نه ملندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *