پرويز خٽڪ ڪي پي ڪي حڪومت بچائڻ لاءِ ڳجهو ملاقاتون ڪري منٿون ڪندو هو، چوڌري نثار جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير خيبرپختونخواهه ڪنٽينر تي بيهي حڪومت خلاف الزام هڻندو هو ۽ اندروني طور تي حڪومت سان پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ اپيل به ڪندو هو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار علي خان جو چوڻ هو ته پرويز خٽڪ سان پراڻا لاڳاپا هئا پر هڪ پاسي حڪومت ۽ وزيرن تي سنگين الام هنيا وي ته ڪجهه عرصو اڳ ۾ ته پنجاب هائوس ۾ خفيه ملاقاتون ڪري حڪومت بچائڻ جي اپيل ڪندو هو ۽ انهيءَ دوران هن چيو ته حڪومت عمران خان کي استعيفيٰ جي معاملي ۾ سمجهائي. هن چيو ته منافقت سان ملڪ ۾ انقلاب نٿو اچي جيڪڏهن عمران خان چاهي ته هو ملڪ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي خفيه ملاقات جو ريڪارڊ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. چوڌري نثار علي خان چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي سنگين هڻڻ باوجود حڪومت پي ٽي آئي سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهيءَ باري ۾ وزيراعظم کي به رپوٽ ڏني آهي ۽ اميد ته تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو سلسلو جلد سروع ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *