پراڪسي وار ۾ شامل ناهي ٿيڻو، پاڪستان، ايران ۽ سعودي وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران ڇڪتاڻ وڌڻ سان مسلمانن جو نقصان ٿيندو، ايران سعوديا جهيڙي جا اثر پاڪستان تي پوندا، معاملو حل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم ٿي سگهي ٿو، اسان کي ڪنهن پراڪسي وار ۾ شامل ٿيڻ نه گهرجي، هڪ پاڙيسري ۽ ٻيو دوست آهي، اسان کي ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڀارت ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جا بهتر لاڳاپا نٿا چاهين، وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڀارتي دوستن کان دشمن بهتر آهي، جمعي تي عمران خان سعودي ۽ ايراني سفيرن سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سعودي ۽ ايران تڪرار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته اسان کي سوچي سمجهي سعودي اتحاد ۾ وڃڻ گهرجي، ايران جو موقف آهي ته سعودي عرب جيڪو 34 ملڪن جو اتحاد جوڙي رهيو آهي اهو دهشتگردي جي خلاف نه آهي پر ايران خلاف آهي، جيڪڏهن پاڪستان ان اتحاد جو حصو بڻجي ٿو ته پوءِ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو، هن چيو ته هن وقت حڪومت کي ليڊر شپ ڏيڻ گهرجي، پاڪستان دهشتگردي خلاف آهي، ڪوشش ڪري هو ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته منهنجي ملاقات ٻنهي سفيرن سان ٿي آهي جنهن ۾ ان معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، هن چيو ته ايراني سفير ٻڌايو آهي ته ايران مفڪر جي سزا کانپوءِ ڪاوڙ ۽ چڙ ۾ آهي پر اسان ايران ۾ سعودي سفارتخاني سميت سمورن هنڌن جي حفاظت ڪنداسين، سعودي سفارتخاني تي حملو ان جي دشمنن ڪيو آهي اسان جلد انهن ماڻهن جا نالا ٻڌائينداسين، هن چيو ته پٺاڻ ڪوٽ ۾ دهشتگردي ٿي جنهن جي اسان مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسان دهشتگردي خلاف آهيون، پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا اڳتي وڌي رهيا هئا، جڏهن مان ڀارت جي دوري تي ويس ته نريندري مودي سان ملاقات ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ٻنهي ملڪن جي ليڊر شپ کي گهرجي ته اهي ان کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏئي، ڀارت ۾ اهڙا ماڻهو آهي جيڪي چاهين ٿا ته پاڪ ڀارت لاڳاپا بهتر نه ٿين، پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف، جڏهن مودي جي حلف واري تقريب ۾ ويو ته نواز شريف جي بزنس پارٽنر پاران ان جي ملاقات جو احتمام ڪيو ويو، دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيندو، ليڊرز جي پاڻ ۾ دوستي ڪا خراب ڳالهه نه آهي، پرڏيهي پاليسي بزنس پارٽنرز جي بنياد تي نه آهي، قومي مفاد مطابق هلائڻ گهرجي، نواز شريف ڀارت جي دوري ۾ پنهنجي پٽ کي وٺي جندال گروپ جي آفيس ويو، ان بزنس پارٽنر بيان ڏنو آهي پٺاڻ ڪوٽ جو واقعو پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن ڳالهه کي ڊي ريل لاءِ ڪيو آهي، ميان صاحب جي اهڙن دوستن کان دشمن بهتر آهي، اسان جي خواهش آهي ته لاڳاپا بهتر ٿين، خطرو آهي ته اهڙن بيان ۾ امن ڳالهيون ٻيهر ڊي ريل ٿي سگهن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *