پرامن پاڪستان موجوده حڪومت جي ڪوششن جو نتيجو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثقافتي رابطن سان لاڳاپا مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندا آهن، هن چيو ته سي پيڪ معاسي، سماجي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائيندو، هن چيو ته ثقافتي رابطن جي ستحڪام سان معاشي لاڳاپا مضبوط ٿيندا، هن چيو ته 2013 ۾ دهشتگردي جو مرض پاڪستان سان ڳنڍيو ويندو هو، پرامن پاڪستان موجوده حڪومت جي ڪوششن جو نتيجو آهي، مريم اورنگزيب چيو ته سي پيڪ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي پرڏيهي سيڙپڪاري اهي، هن چيو ته ڪلچرل ڪاروان ۾ پاڪستان ۽ چين جي ثقافتي ڊانسرز فن جو مظاهرو ڪندا، امن امان جي بحالي سان عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت چهرو سامهون اچي رهيو آهي، ڪلچرل ڪاروان ايونٽ جو مقصد اقتصادي راهداري جي رابطي کي اجاگر ڪرڻ آهي.مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف کي وزارت عظميٰ تان ته ڪڍيو ويو پر عوام جي دلين مان نه ٿو ڪڍي سگهجي.  احتساب عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻو وزيراعظم ملڪ جو اثاثو آهي کيس عوام جي خدمت جي سزا ملي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن دل ۾ چور هجي ها ته نواز شريف سپريم ڪورٽ کي خط نه لکي ها، هن پاڻ کي خاندان سميت احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪندڙ ليڊر کي ملڪ مان ڀڄڻ جي ضرورت ناهي، هو رڳو ووٽ جي تقدس لاءِ عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *