پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پــُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندا، آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ۽ بنيادي ڍانچو تباهه ڪري ڇڏيو آهي. افغان پارليامينٽريز جي 18 رڪني وفد اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. افغان وفد جي قيادت عبدالقدير زازائي ۽ سينيٽر باز محمد زومتي ڪئي جڏهن ته وفد ۾ افغان مشرانو جرڳي ۽ اوليسيجرڳي جا ميمبر به شامل هئا. ملاقات ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، وفاقي وزير اسحاق ڊار، طارق فاطمي، آصف ڪرماني، سينيٽر مشاهد حسين، افراسياب خٽڪ ۽ آفتاب شيرپائو موجود هئا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٻئي ملڪ مضبوط سياسي لاڳاپن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پــُرعزم آهن. نواز شريف چيو ته افغانستان جو عوام پاڪستانين جي دلين ۾ رهي ٿو، پــُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي خلاف پنهنجي سرزمين هرگز استعمال ٿيڻ نه ڏيندا، پاڪستان ۽ افغانستان کي دهشتگردي جي خاتمي سميت ٻين شعبن ۾سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ضرب عضب آپريشن دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ۽ بنيادي ڍانچو تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *