پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي وزيراعظم کان به مٿڀري آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو پر پي اي سي وزيراعظم کان به مٿڀري آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت ۾ ٿيو. خورشيد شاهه ناڻي واري سيڪريٽري جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم اجلاس شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ ناڻي واري سيڪريٽري کي ڇو طلب ڪيو،  ڇا وزيراعظم پي اي سي کي غير فعال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڻ کي پي اي سي کان مٿڀرو سمجهي ٿو، جيڪڏهن ائين آهي ته کيس غلطي فهمي ختم ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته وزيراعظم هائوس طرفان ناڻي واري سيڪريٽري کي اجلاس کان اڳ واپس گهرائڻ واري معاملي تي وزيراعظم کان پڇاڻي لاءِ خط لکندس اها پارلياماني روايتن جي ڀڃڪڙي آهي، وزيراعظم کي پارلياماني ڪميٽي جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي ۽ قائدن توڙي ضابطن جي پابندي ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *