پاڻ کي ڪراچي جا مسيحا سمجهندڙ ئي ڦورو آهن: ناصر حسين شاھ

سکر(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪ سر زمين پارٽي جو سربراهه مصطفيٰ ڪمال بوکلاهٽ جو شڪار آهي، سندس ڪالهوڪو جلسو ٿورڙن ماڻهن تي ٻڌل هو. تفصيل موجب ناصر حسين شاهه نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته آدم شماري تي سڀ کان گهڻو احتجاج سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيو. سندس چوڻ هو ته 2005 تائين ڪي ايم سي سميت ٻيا ادارا بهتر هئا جڏهن ته ٻين تي الزام لڳائيندڙ پاڻ ذميوار آهن. هن چيو ته پاڻ کي ڪراچي جا مسيحا سمجهندڙ ئي ڦورو آهن، مصطفيٰ ڪمال بوکلاهٽ جو شڪار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *