پاڻ کي عقلمند سمجهندڙ وفاقي سرڪار وقت تي آدمشماري ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته، پاڻ کي عقل ڪل سمجهندڙ وفاقي سرڪار وقت تي آدمشماري نه ڪرائڻ سان سندس وڏي ناڪامي آهي، عورتن جي بل سان مردن سان ڪهڙا مسئلا ٿيندا، ان بابت مولانا فضل الرحمن ئي ٻڌائي سگهي ٿو، پنجاب ۾ ڪول پراجيڪٽ سان زراعت تباهه ۽ بيماريون پکڙجنديون، ان ڪري پراجيڪٽ ٿر ۾ لڳايو وڃي، سکر ۾ نوازليگ اڳواڻ سرور لطيف سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته، وفاقي سرڪار پاڻ کي عقل ڪل سمجهي پئي، آدمشماري وقت تي نه ڪرائڻ اها سندس وڏي ناڪامي آهي، هن چيو ته، ملڪ ۾ عورتن تي تشدد ٿئي پيو، ان ڪري عورتن کي آئيني حق ملڻ گهرجن، پنجاب اسيمبلي مان عورتن جي حوالي سان پاس ٿيل بل سان مردن کي ڪهڙا مسئلا پيش ايندا، اهو مولانا فضل الرحمن ئي ٻڌائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن اهو بل ناهي پڙهيو، خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار ڀارت جي حوالي سان پارليامينٽ کي اڳڀرائي ۽ مسئلن بابت آگاهي نه پئي ڏئي، پارليامينٽ مضبوط ٿيڻ سان ادارا مضبوط ٿيندا، هن چيو ته، پنجاب ۾ ڪول پراجيڪٽ سان زراعت تباهه ۽ بيماريون پکڙجنديون تنهنڪري ڪول پراجيڪٽ ٿر ۾ لڳايو وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته، گرين بس سروس اورينج ۽ ميٽرو جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، ڇو ته، اهو مهانگو پراجيڪٽ آهي، هن چيو ته، حڪومت کي تيل في ليٽر37 روپيا ۽ ڊيزل 31 روپين ۾ پوي ٿو، ان باوجود حڪومت وڌيڪ ٽئڪس وٺي پئي، اڃا به گهٽ ۾ گهٽ پئٽرول 12 ۽ ڊيزل 15 روپيا گهٽائي وڃي، هن چيو ته، نوازليگ سرڪار 2018 ۾ بجلي بحران ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، پر کيس بجلي بحران 2020۾ ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته، عمران خان ٻين کي ڪجهه به ناهي سمجهندو، صرف پاڻ کي سڀ کان وڏو جمهوريت پسند سمجهندو آهي، وڏو وزير نساسڪ ۾ ٿيل ڪرپشن جي انڪوائري پڻ ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *