پاڻ کي اڃا تائين ٻارڙي سمجهان ٿي: ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي نئين فلم اڙتا پنجاب جون ۾ رليز ٿيندي.بالي وڊ جي ڊرامه ٿرلر فلم جي ڪهاڻي ڀارتي پنجاب ۾ موجود براين جي چوڌاري گهمي ٿي.فلم جي هدايت اڀيشڪ چوئبي ڏني آهي،فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙن ۾ ڪرينا ڪپور،عاليا ڀٽ ۽ دلجيت دوسونجي شامل آهن،ان فلم ۾ ڪرينا ڪپور ڊاڪٽر جو ڪردار نڀائيندي، جيڪا 17 جون تي ڀارتي سينما گهرن ۾ نمائش لا۽ پيش ڪئي ويندي، هوڏانهن ڪرينا ڪپور هن وقت پنهنجي فلم ڪي اينڊ ڪا جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، ممبئي ۾ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪرينا ڪپور چيو ته هوءَ پنهنجي ڊائريڪٽر جي هدايتن تي هلندڙ اداڪارا آهي، فلم ۾ پنهنجي ڪردار ۾ حقيقي رنگ ڀرڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هوءَ رڳو ڊائريڪٽر جي هدايت تي عمل ڪندي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن پنهنجي فني سفر دوران سٺن هدايتڪارن سان گڏجي سٺو ۽ خراب هدايتڪارن سان گڏجي خراب ڪم ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته هن سدائين ڊائريڪٽر جي آڱر پڪڙي بالي ووڊ ۾ هلڻ سکيو آهي ۽ اڃا تائين هوءَ پاڻ کي هڪ ننڍڙي ٻارڙِي سمجهي ٿي، جيڪا ڊائريڪٽر جي آڱر پڪڙڻ کانسواءِ هڪ قدم به نه ٿي هلي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *