پاڻي ۽ بجلي واري وزارت لوڊشيڊنگ سان لاڳاپيل وزيراعظم جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا، نواز شريف نوٽيس ورتو، سخت ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وزارت وزيراعظم نوازشريف جي رمضان جي مبارڪ مهيني دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، جن کي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو۽ نذرانداز ڪندي چيو ته سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ به لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  سحر ۽افطار جي وقتن ۾ بجلي جو شارٽ فال 1300 ميگاواٽ تائين پهچي چڪو آهي، ان ڪري سحر ۽ افطار ۾ به لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت صارفين کان سحري ۽ افطار ۾ بجلي گهٽ استعمال ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. وزير اعظم نواز شريف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سحري جي وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان ڳالهه جو نوٽيس ورتو.وزيراعظم نواز شريف رمضان جي ڀلاري مهيني  جي پهري سحري دوران مختلف شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم نوازشريف سحري ۽ افطار دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي جي هدايت ڏني جڏهن ته وزيراعظم بجلي ۽ پاڻي جي وزارت کان سحري دوران لوڊشيڊنگ  تي جواب به گهري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *