پاڻي کوٽ جو ذميوار “ارسا” قرار، اسان کي حصي کان گھٽ پاڻي پيو ملي: سنڌ سرڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني ۽ آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ صوبي ۾ هن وقت پاڻي جي مسئلي تي پاڪستان پيپلز پارٽي احتجاج ڪري رهي اڄ به ڪراچي ۾ احتجاج هو پر عمر شريف جي وفات جي سبب سرگرمين کي معطل ڪيو ويو آهي. ارسا معاهدي تحت عمل نه ڪري رهي آهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي. جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ آهي ته 1991 جي ايڪارڊ تحت جهڙي ريت ورهاست ڪرڻي آهي ان طرح سان ڪئي وڃي. اسيمبلي ايڪٽ کي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو آهي ۽ ارسا موجب هو ان تي عمل نه ڪندي. سي سي آءِ تحت ڪا به وفاقي حڪومت صوبي جو حق نه ٿي کائي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته ارسا سال ۾ ٻه ميٽنگز ڪندو آهي هڪ خريف ۽ ٻئي ربيع جي حوالي سان ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته سنڌ سان پاڻي جي ورهاست ۾ ناانصافي جي ڪري اسان جا ڪاٽن ۽ چانورن جا فصل تباهه ٿيا آهن ۽ هاڻي جڏهن ڪمند جي فصل کان اڳ اسان کي 28 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو چيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان کي هن وقت 14.87 ملين گيلن پاڻي ايڪارڊ جي حساب سان ملڻو آهي پر اسان کي ربيع جي فصل جي لاءِ 10.36 ايم ايف پاڻي جو چيو پيو وڃي. ان سان اسان کي گهٽ ۾ گھٽ ساڍا 4 ايم ايف پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي ڪئي پئي وڃي. ڄام خان شورو چيو ته ارسا جو قيام ان معاهدي جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيو هو ته ننڍن صوبن سان ڪنهن به قسم جي نا انصافي نه ٿئي پر اڄ ارسا ننڍن صوبن کي پاڻي جي ورهاست جي معاهدي تحت نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ جڏهن ارسا جي اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندن پاڻي جي ورهاست ۾ نا انصافي تي احتجاج ڪيو ۽ جيڪو نئون فارمولو صوبن جي صلاح کان بغير بڻايو ته اسان ان تي احتجاج ڪيو ته اسان کي چيو ويو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويندو پر اسان کي هاڻي معلوم ٿيو آهي ته 5 آڪٽوبر تي جيڪو اجلاس ٿيڻو آهي ان جي ايجنڊا ۾ هي شامل ئي نه ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ارسا ايڪارڊ تي عمل نه ڪندو ته پاڪستان جي آئين جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته 2018 ۾ جڏهن سنڌ ۾ هي معاملو سي سي آءِ ۾ اٿاريو ته ان تي فيصلو ڪرڻ بجاءِ ان تي انور منشور خان جي صدارت هيٺ ڪميٽي بڻائي ان معاملي کي هن جي سپرد ڪيو ويو، جنهن جي رپورٽ ۾ انور منشور خان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته سنڌ سان سراسر نا انصافي ٿي رهي آهي، جڏهن هي رپورٽ ٻيهر سي سي آءِ ۾ وئي ته وزير اعظم ان کي ٻيهر اٽارني جنرل ڏي موڪلي. ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ هارين جو نقصان صرف سنڌ صوبي جو نه پر پوري پاڪستان جو نقصان آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ اپوزيشن جي ڪجهه دوستن پاران  سنڌ ۾ پاڻي جي ورهاست ۾ نا انصافي ڪو جواز ناهي. هن چيو ته پاڻي جڏهن بئراج تي پهچندو آهي ته هن کي خبر نه پوندي آهي ته هن کي ڪنهن وٽ وڃڻو آهي. هن چيو ته وفاق پاڻي اسان کي نه ٿو ڏي ته پوءِ ڪهڙي ريت چوندا ته اسان نا انصافي ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو آهي ته ايڪارڊ تحت کوٽ ۾ جهڙي ريت ورهاست ڪرڻي اهڙي ريت ڪن. هڪ ٻئي سوال جي جواب هن چيو ته جڏهن ضرورت کان گهٽ پاڻي اسان کي ملي رهيو آهي ته ٻيو متبادل انتظام ڪيئن ٿيندو، ڇو ته اسان جي زير زمين جو پاڻي مٺو نه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ بئراچ 1960 تائين بڻيا ان کان پوءِ نه بڻيا. فيڊرل گورنمينٽ جو ڪو هڪ منصوبو ڏيکاريو جيڪو هن سنڌ کي ڏنو هجي. هڪ سوال تي هن چيو ته جڏهن ارسا اسيمبلي ايڪٽ کي کڻي ڦٽو ڪيو آهي ۽ ارسا موجب هو هن تي عمل نه ڪندي ته اسان وٽ احتجاج کان سواءِ ڪهڙو رستو آهي. هن چيو ته سي سي آءِ تحت ڪا به حڪومت صوبي جو حق نه ٿي کائي سگهي. هڪ سوال تي هن چيو ته جڏهن توهان کي پاڻي ئي پورو نه ملندو ته هيڊ اينڊ ٽيل ۾ پاڻي جو مسئلو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ڄام خان شورو چيو ته ارسا ۾ بلوچستان بطور ميمبر خود ارسا جو ٽول بڻيل آهي ته هو ڪيئن سنڌ طرفان بلوچستان جي گڏجي زيادتي جو الزام لڳائي سگهي ٿو. هڪ سوال تي هن چيو ته اسان ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ( سي سي آءِ ) ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي رهيا آهيون ۽ اهو واحد آئيني ادارو آهي جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان ڪري بڻايو ته ڪو به ننڍن صوبن سان نا انصافي نه ڪري سگهي.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *