پاڪ_ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جو آخري ڏيئو به اجهامي ويو

لاهور / دهلي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون رد ٿيڻ کان پوءِ  پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي اميدن جو آخري ڏيئو به اجهامي ويو آهي، ڀارت پاران ڳالهين کان نٽائڻ واري عمل ڪرڪيٽ جي شوقينن کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين جي عمل ۾ ڊيڊلاڪ سبب پي سي بي اختيارين ۾ مايوسي جي لهر ڊوڙي وئي آهي، فيوچر ٽوئر پروگرام هيٺ پاڪستان کي هلندڙ سال ڀارت جي ميزباني ڪرڻي آهي ،3 ٽيسٽ، 5 ون ڊي ۽ 2 ٽوئنٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ پي سي بي پاران نيوٽرل وينيو يو اي اي جي چونڊ به ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊن  ايم اويو تي صحيحون به ڪيون آهن  پر گورداس پور ۾ پوليس اسٽيشن تي حملي کانپوءِ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو، سرحدن تي به فائرنگ جي ڏي وٺ  معمول بڻجي وئي آهي، ان صورتحال ۾ بي سي سي آءِ کي سيريز کان انڪار جا بهانا ڳولڻ جو موقعو ملي ويو آهي،بي سي آئي جو  سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر هڪ سياستدان به آهي، جنهن سدائين پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي مخالفت ۾ بيان ڏنا آهن، پاڪستان تي مداخلت جو الزام هڻندي هن چيو ته اسان جي ملڪ جو امن متاثر ٿي رهيو آهي، سرحدن تي ڇڪتاڻ هجي ته ڪرڪيٽ نه ٿي کيڏي سگهجي، ڳالهيون ختم ڪرڻ جي اطلاعن تي پي سي بي اختيارين ۾ به سخت مايوسي جي لهر ڏٺي وڃي ٿي، جنهن ڪري ٿنڪ ٽينڪ کي بي پلان تي عمل جو فيصلو جلد ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ڊسمبر ۾ رڳو زمبابوي ۽ بنگلاديش جون ٽيمون ئي فارغ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *