پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي قومن جي عوام جي امنگن تي ٻڌل آهن: پرويز رشيد

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري شاهراه ريشم سان تعمير ڪئي پئي وڃي جنهن سان پاڪ چين لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس اقتصادي بنياد فراهم ٿيندا ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا هاڻي ڪارپوريٽ ۽ ڪلچر ٻنهي پهلوئن ۾ تبديل ٿي سگهندا پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي قومن جي عوام جي امنگن تي ٻڌل آهن ۽ اهڙيون نمائشون ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻينديون جمعي تي پرويز رشيد نمل يونيورسٽي اسلام آباد ۾ مسلمانن جي رسمن ۽ رواج جي عڪاسي تي ٻڌل ون بيلٽ ون روڊ تصويري فن پارن جي نمائش جو افتتاح ڪيو نمائش جو احتمام پاڪستان ۾ عوامي جمهوريه چين جي سفارتخاني ۽ نينگسيا اسلامڪ فرينڊلي ڪائونسل نمل يونيورسٽي جي سهڪار سان هتي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ڪيو ان موقعي تي چيني سفارتخاني تي چاولي جيان ۽ نينگيسيا اسلامڪ فرينڊلي ڪائونسل جو سربراهي ليانگ جي به موجود هو نمائ.ش جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته اسلام اباد ۾ هن نمائش جو اهتمام پاڪستان ۽ چين جي عوام وچ ۾ ثقافتي گهاٽا ڀاراڻا لاڳاپا چين جي حڪومت جي نسلي مساوات ۽ مذهبي آزادي جي پاليسي جنهن سان چين ۾ مسلمان هڪ مساوي حقن مان فائدو وٺي رهيا آهن جو عڪاس آهي هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 65هين ساليه تقريب ملهائي رهيا آهيون ۽ هي نمائش ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *