پاڪ-چين عسڪري قيادت جي ملاقات، دهشتگردي خلاف ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون: ڪياني

بيجنگ (م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف واضح ڪيو آهي ته دهشٽگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون، پاڪ فوج جي ترجمان جنرل عاصم باجوا پارا سمايج رابطي جي ويب سائيٽ تي جاري بيان مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف بيجنگ ۾ چين جي وائيس چيئرمين سينتڙل ملٽري ڪميشن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ ترين عسڪري قيادت خطي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ملڪي سلامتي کي درپيش چيلينجز سان منهن ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران وائيس چيئرمين  سينٽرل ملٽري ڪميشن پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي کي ساراهيو، جنرل فين چيوته پاڪستان ۽ چين جا نهايت اهم لاڳاپا آهن، چين دهشتگردي خلاف پاڪستاني قوم جون قربانيون ۽ قومي اتفاق راءِ جي ساراهه ڪري ٿو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي کي پاڙا پٽن لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا، ضرب عضب دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ثابت ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *