پاڪ چين ايڪنامڪ ڪاريڊور کي تڪراري نٿا بڻائڻ چاهيون،بلوچستان جي حقن جو خيال رکيو وڃي: پيپلز پارٽي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي پارٽي چين-پاڪستان ايڪنامڪ ڪاريڊور کي تڪراري نٿي بنائڻ چاهي پر 46 ارب ڊالرز جي انهيءَ ميگا منصوبي ۾ بلوچستان جي حقن کي يقيني بڻايو وڃي، اهڙو اظهار بلاول ڀٽو زرداري اڄ بلاول هائوس ۾ ايم اين اي عبدالرئوف جي اڳواڻي ۾ آيل بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، وفد ۾ اڳوڻا ايم پي ايز اڪبر مينگل، اختر لانگو۽ محمد قاسم شامل هئا، ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر يوسف بلوچ، ۽ جميل سومرو به موجود هئا، بي اين پي (مينگل) جي وفد پيپلزپارٽي جي چيئرمين کي چين – پاڪستان ايڪنامڪ ڪاريڊور جي رُوٽ جي تبديلي جي حوالي سان بلوچستان جي خدشن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان سان صرف هڪ صوبي کي فائدو رسندو پر بلوچستان کي ڪجهه به نه ملندو، بلاول ڀٽو زرداري انهيءَ منصوبي بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت 18هين ترميم ذريعي صوبن کي خودمختياري ڏني پر موجوده حڪومت صوبن کي مالياتي توڙي ٻين وسيلن جي ورڇ جي حوالي سان ڪو به فيصلو نه ڪري رهي آهي جيڪو هڪ خطرناڪ عمل آهي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته وفاقي پارٽي هوندي پيپلزپارٽي چين- پاڪستان ايڪنامڪ زون جهڙي اهم منصوبي کي بي فائدي يا تڪراري بنائڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندي پر ان حوالي سان بلوچستان توڙي فيڊريشن جي سمورن يونٽن جي حقن کي هر صورت ۾ تحفظ ملڻ گهرجي، بي اين پي ( مينگل) جي وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين کي 10 جنوري تي اسلام آباد ۾ ” سي پي اي سي ۽ گوادر- بلوچستان جي مستقبل جو منظر“ جي عنوان هيٺ منعقد ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کين خاطري ڪرائي ته پيپلزپارٽي طرفان انهيءَ اي پي سي ۾ شرڪت ڪندي۽ ان حوالي سان پارٽي جي پاليسي پيش ڪئي ويندي جيڪا بلوچستان ۽ ان جي عوام جي اصل حقن جو مڪمل تحفظ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *