پاڪ چين اقتصادي راهداري نه صرف پاڪستان پر خطي جي قسمت سنواري ڇڏيندي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان لاءِ امڪانن جي هڪ شاندار دنيا منتظر آهي، اها ڳالهه صدر 6 سيپٽمبر 1965 جي جنگ جي 50 هين سالگره جي سلسلي ۾ هڪ تقريري مقابلي عنوان هڪ قوم هڪ منزل ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي صدر چيو ته موجود حڪومت قومي معيشت جي استحڪام لاءِ ٺوس اپاءَ ڪيا آهن، هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهدري نه رڳو پاڪستان پر خطي جي تقدير سنواري ڇڏيندي، هن رٿا جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان خطي جو سڀ کان اهم ملڪ طور اڀري ايندو، صدر چيو ته بلوچستان ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ ان سلسلي ۾ 5 سئو ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستا ٺهي مڪمل ٿي چڪا آهن، گوادر ڊيپ سي پورٽ ۽ گوادر ۾ انٽرنيشنل ايئرپورٽن جهڙن منصوبن جي شروعات ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ امن امان بهتر ٿي رهيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب ڪامياب سان جاري آهي جنهن جا بهتر نتيجا اڳيان اچي رهيا آهن، صدر شاگردن کي هدايت ڪئي ته اهي تعليم پرائڻ کانپوءِ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهن، ان موقعي تي صدر 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *