پاڪ ڀارت ڳالهين جي ٻيهر شروعات آجيان جوڳي آهي: سرتاج عزيز

لاهور(بيورو) قومي سلامتي ۽ پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڳالهين جي ٻيهر شروعات آجيان جوڳي آهي، جنهن سان سرحدن تي حالتن ۾ ڇڪتاڻ گهٽجندي، ڀارت سان ڪشمير جي معاملي ۾ اسان جو موقف واضح آهي، ڪشمير مسئلي کان بغير ڳالهيون بي معنيٰ آهن، پاڪستان اسلحي جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿو ٿيڻ چاهي پر روايتي هٿيارن جو توازن رکڻ ضروري آهي. هو آچر ڏينهن شاهد برڪي انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ پاليسي جيافتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. سرتاج عزيز چيو ته حڪومت ڏکيائين هوندي به دفاعي ضرورتن کي پورو ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندي رهندي، سيڪيورٽي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو آهي، سيڪيورٽي ۽ قومي مفاد تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين. صلاحڪار چيو ته ڀارت پاڻ ئي ڳالهيون معطل ڪيون هيون ۽ هاڻي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان جي وزيراعظم محمد نواز شريف کي فون ڪري باقاعده ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي، ڳالهيون جتان معطل ٿيون هيون اتان شروع ٿينديون. اي پي پي/ن – ش /ر – ڪ 18:39

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *