پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ سيريز بابت 8 کان 10 ڏينهن اندر هلندڙ مهيني جي آخر تائين فيصلو ٿي ويندو: پي سي بي چيئرمين

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي باري ۾ فيصلو 8 کان 10 ڏينهن اندر يا هلندڙ مهيني جي آخر تائين ٿي ويندو. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ دائريڪٽر ميڊيا امجد ڀٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پي سي بي جي چيئرمين چيو ته آءِ سي سي جي تازي ٿيل اجلاس ۾ سندس ملاقات ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر سان ٿي هئي ۽ آءِ سي سي جي صدر سري نواسن جي مشوري تي مون ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين صدر ششناڪ منوهر سان فون تي ڳالهايو هو ته هن ٻڌايو ته ڀارتي بورڊ پاڪستان سان سيريز جي مسئلي کي حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ بي سي سي آءِ جي ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪ ڀارت سيريز ڪرائڻ جي مسئلي تي بحث ڪيو ويندو ۽ ان بعد هو پنهنجي حڪومت سان ان جي منظوري کان پي سي بي کي آگاهه ڪندو، بي سي سي آءِ جو صدر پاڪ ڀارت سيريز جو خواهشمند آهي ۽ ڀارت جي دوري جي دعوت ڏني آهي، ايندڙ هفتي تائين ڀارت ويندس. پي سي بي چيئرمين چيو ته بي سي سي آءِ جي صدر يقين ڏياريو آهي ته ڀارتي بورڊ پي سي بي سان سٺا ناتا چاهي ٿو ۽ هو پي سي بي جو نقصان ٿيڻ نه ڏيندو، شهريار خان چيو ته پاڪ ڀارت سيريز لاءِ ڀارتي بورڊ پهريان ته ٺپ جواب ڏنو هو پر هاڻي اميد آهي ته ان حوالي سان 8 کان 10 ڏينهن اندر ڀارتي بورڊ جو جواب ملي ويندو اهو ها يا نه ۾ هوندو، جيڪڏهن ڀارتي بورڊ متبادل جاءِ جي تجويز ڏني ته ان کي پي سي بي گورننگ بورڊ ۾ آندو ويندو، آءِ سي سي جي اجلاس دوران پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ ٺاهيل ٽاسڪ فورس جي سربراهه جائز ڪلارڪ به چيو آهي ته هو پاڻ پاڪ ڀارت سيريز ڪرائڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو، شهريار خان چيو ته زمبابوي جي ٽيم ۽ بنگلاديش جي عورتاڻين ٽيمن جا پاڪستان جا دورا آءِ سي سي کي ڏسڻ گهرجن، پي سي بي چيئرمين چيو ته پي ايس ايل ۾ هاڻي تائين دنيا جي 152 رانديگرن کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *