
ڪراچي(شوبز نيوز) نالي واري ڀارتي اداڪارا پوجا ڀٽ پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي دوري تي پهچي وئي آهي. ناليواري اداڪارا ڪراچي ايئرپورٽ پهتي. ان موقعي تي سندس پاڪستاني مداحن آجيان ڪئي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا پوجا ڀٽ چيو ته پهريان به پاڪستان اچي چڪي آهيان، ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪيو آهي. هن چيو ته جڏهن رستا کليا آهن ته اداڪار به ايندا. هن چيو ته ڀارت مان اڏامون پاڪستان اچي رهيون آهن. ٻين اداڪارن کي به موقعو آهي ته اهي پاڪستان اچن.