پاڪ ڀارت وزيراعظم وچ ۾ ملاقات خوش آئيند آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پاڪ ڀارت وزيراعظم وچ ۾ ملاقات کي خوش آئيند قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي سمورا مسئلا ميز تي ويهي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجن پاڙيسرين کي تبديل نٿو ڪري سگهجي اسان کي ماضي جون شڪايتون وسارڻيون پونديون ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ سميت هاڪي فوٽبال ۽ ڪٻٽي جون مئچون به کيڏڻ گهرجن هڪ انٽرويو ۾ پرويز رشيد چيو ته ننڍي کنڊ جي مسئلن جو بهترين حل ڳالهيون آهن پاڪستان ۽ ڀارت کي گهرجي ته اهي پنهنجا سمورا معاملا ۽ مسئلا ميز تي ويهي ڳالهين سان حل ڪن وفاقي وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ ورڪنگ بائونڊري تي ڪيترائي واقعا ٿيا آهن جن ۾ ڪيترائي ئي ماڻهو فوتٿي چڪا آهن اسان پاڙيسري آهيون ۽ پاڙيسرين کي تبديل نٿو ڪري سگهجي پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته اسان کي گذريل 65 سالن جي زخمن کي وڌائڻ بدران مثبت سوچ اختيار ڪرڻي پوندي ۽ اهو ئي اسان لاءِ بهتر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *