پاڪ ڀارت معاملا ڳالهين وسيلي کي حل ٿي سگهن ٿا: نريندر مودي

ممبئي(م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي يوم پاڪستان جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ٻِه طرفيون ڳالهيون ئي مسئلن جو حل آهن، پاڪ ڀارت ڳالهيون دهشتگردي کان پاڪ ماحول ۾ ٿيڻ گهرجن .. ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان جي 75 هين ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هم منصب وزيراعظم نواز شريف ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪ باد پيش ڪئي. نريندر مودي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سڀني مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، ڀارت به ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارتي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون دهشتگردي کان پاڪ ماحول ۾ ٿيڻ گهرجن…….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *