
پاڪ پتن (اين اين آءِ) پاڪ پتن ضلعي ڪچهري ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا پوليس موجب ٽئي ڄڻا ڪيسن جي پيروي لاءِ ضلعي ڪچهري پهتا هئا ته اڻڄاتل ماڻهن مٿن فائرنگ ڪئي جنهن سان اهي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايا ويا پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني لڳي ٿو وڌيڪ جاچ شروع ڪئي ويئي آهي.