پاڪ فوج ۾ نيو ائيرڊيفنس سسٽم شامل ڪري ڇڏيو، سي پيڪ منصوبو ڪامياب بڻائڻ لاءِ چين جي مدد کي اهميت ڏيون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج پنهنجي دفاعي نظام نئون ايئر سسٽم شامل ڪري ورتو، جيڪو هيٺين ۽ وچين اڏام ڪندڙ هوائي حدفن کي ڳولي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج پنهنجي هوائي دفاعي نظام ۾ نئون ايئر ڊفينس سسٽم ايل واءِ 80 شامل ڪيو آهي، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويده باجوه نئين سسٽم جي شموليت واري تقريب ۾ خاص مهمان هو جيڪو آرمي آڊيٽوريم ۾ ڪوٺائي وئي. ايل واءِ 80 چيني ساختا موبائيل ايئر ڊفينس سسٽم آهي، آرمي چيف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ان سسٽم جي شموليت سان موجوده ۽ مستقبل ۾ هوائي خطرن جي بچاءَ واري صلاحيت ۾ واڌ ٿي آهي، آرمي چيف جي اچڻ تي ڪمانڊر آرمي ايئر ڊفينس ليفٽيننٽ جنرل محمد زاهد لطيف مرزا ان جي آجيان ڪئي.   آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اسپيشل سيڪيورٽي ڊويزن هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪ فوج سي پيڪ جي سيڪيورٽي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبو ڪامياب بڻائڻ لاءِ چين جي مدد کي گهڻي اهميت ڏيون ٿا. هن چيو ته پاڪ فوج سي پيڪ خلاف دشمن جي ايجنڊا بابت چڱيءَ ريت واقف آهي، اسان دشمنن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي اسپيشل سيڪيورٽي ڊويزن ميڪنزم تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي آرمي چيف تيارين ۽ انتظامن جي ساراهه ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *