پاڪ فوج ڪڏهن به عورتن ۽ ٻارن کي نشانو نه بڻائيندي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جمهوري حڪومت جي نمائندگي ڪندي آهي. پاڪ فوج ڪڏهن به عورتن ۽ ٻارن کي نشانو ناهي بڻايو ۽ نه ئي ڪڏهن بڻائيندي آهي. جيڪڏهن عورتن ۽ ٻارن کي نقصان پهچائڻو هجي ها ته دهشتگردن جا خاندا آرام سان نه رهندا هجن ها. پاڪستان اسامه بن لادن جي زال ۽ ٻارن کي به حفاظت سان پرڏيهه موڪلي ڇڏيو هو. چوڌري نثار علي خان چيو ته هيءَ سرحدن تي وڙهي ويندر جنگناهي  پر اسان جو دشمن اسان جي وچ ۾ موجود آهي جيڪو اسانجي ئي رنگ ۽ نسل سان تعلق رکي ٿو. پاڪستاني فوج هيءَ جنگ ڪيترن ئي سالن کان وڙهي رهي آهي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڀني کي جنگ ۾ حصو وجهڻ گهرجي. قوم کي احساس هئڻ گهرجي ته اسين جنگ واري حالت ۾ آهيون. دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي هر شهري تي لاڳو ٿئي ٿي. سڀ کان وڏي انٽيليجنس عوام ئي هوندي آهي، عوام کي متحد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مشڪوڪ ماڻهن جو اطلاع ڏيڻ لاءِ خاص نمبر جاري ڪري رهيا آهيون. ڪڏهن به ڪوبه مشڪوڪ شخص يا چيز نظر اچي ته شهري انهن نمبر تي ڪال ڪري سگهن ٿا. دهشتگردن جو اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. سمورن صوبائي آئي جيز کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ايس ايڇ او پنهنجي علائقي کان باخبر رهن ته جڏهن ته سمورن ڊي پي اوز کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سرچ آپريشن جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جا نوي سيڪڙو مدرستا دهشتگردن سان لاڳاپيل ناهن پر دهشتگردن خلاف جنگ ۾ اسان سان گڏ آهن. ايئن نه چوڻ گهرجي ته مدرسن ۾ پڙهندڙ سمورا دهشتگرد آهن، پر جيڪو به پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث آهن انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. اسان کي اميد آهي ته پاڪستان جي آزاد ميڊيا ان حوالي سان پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي. ميڊيا دهشتگردن جو بليڪ آئوٽ ڪري. هن ٻڌايو ته پارليماني ڪميٽي کي هڪ هفتي جو وقت ڏنو ويو آهي انهيءَ حوالي سان رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون. سڀاڻي يا هڪ ٻن ڏينهن ۾ دهشتگردي خلاف سفارشون قوم آڏو رکنداسين. قوم پاڻ کي غيرمحفوظ نه سمجهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *