پاڪ فوج پاران اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جو آخري مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي هدايتن تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جو آخري مرحلو شروع سندس چوڻ آهي ته قوم سان دهشتگرديءَ جي خاتمي واعدو پورو ڪيو ويندو.آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتر وزيرستان جو دورو ڪري آپريشن ضرب عضب جو آخري مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف شوال جي دوري دوران پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي آپريشن ضرب عضب ۾ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف کي آگاهه ڪيو ويو ته دتا خيل کان اڳتي ۽ شوالن جي گهاٽن ٻيلن ۾ دهشتگردن جا ٿاڪ آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته گهاٽن ٻيلن کي دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اچ وڃ لاءِ استعمال ڪندا آهن. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن جو آخري مرحلو شروع ڪري سندن مددگارن جو به خاتمو آندو وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج جو عزم بلند آهي، جلد دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن کي اڪيلو ڪري سندن مددگارن سان رابطو ختم ڪيو وڃي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته امن دشمنن جو گهيرو تنگ ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *