پاڪ فوج هر قسم جي چيلينجز کي منهن ۽ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: وزير اعظم

رسالپور (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان امن سان محبت ڪرڻ وارو ملڪ آهي، پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، گڏيل خوشحالي اسان جو هدف هجڻ گهرجي، جڏهن ته ملڪ جي دفاع تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، پاڪستاني فوج هر قسم جي چيلينجز سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پاڪستان ايئر فورس آپريشن ضرب عضب ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان جي قيادت جي ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، جوان پنهنجي توانائي ملڪ جي بچاءَ ۾ لڳائين، اڱاري تي پي اي ايف اصغر خان اڪيڊمي رسالپور ۾ ڪيڊيٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پي اي ايف اڪيڊمي مان تربيت حاصل ڪندڙ ڪيڊيٽس مبارڪ جا حقدار آهن ۽ اڄ جو ڏينهن انهن لاءِ خاص اهميت وارو آهي، هن چيو ته گريجيوئيشن مڪمل ڪندڙ ڪيڊيٽس اڄ واري تقريب کي ڪڏهن به نه وساري سگهندا ۽ اهو وقت انهن جي زندگي ۾ ٻيهر نه ايندو، هن چيو ته اسان کي سخت محنت ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته توهان جي ڪلهن تي وطن جي بچاءَ جي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ اسان جي هيروز جون قربانيون تعريف جوڳيون آهن، هن چيو ته توهان کي قوم جي اعتماد تي پورو لهڻو پوندو، جڏهن ته هن وقت جي جديد ٽيڪنالاجي سبب توهان تي وڌيڪ اضافي ذميواري لاڳو ڪئي پئي وڃي، توهان کي پنهنجي ڪاميابي جو سفر جاري رکڻ گهرجي ته جيئن پنهنجي ڪيريئر ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهو، هن چيو ته بابائي قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي پرامن جي پاڙيسرائپ واري نظريي تحت اسان پنهنجي آزادي جو تحفظ ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته جديد دور ۾ جنگيون صرف فوج ذريعي نه وڙهيون وينديون آهن پر ان ۾ قومن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، هن چيو ته پاڪستان ايئر فورس ملڪ جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ايئر فورس آپريشن ضرب عضب ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي، هن چيو ته پي اي ايف اصغر خان اڪيڊمي ۾ اعليٰ معيار جي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ اڄ جي اها تقريب ڪيڊيٽس جي مخلصاڻا محبت جي ثمر جو نتيجو آهي، هن اهڙي يقين جو اظهار ڪيو ته پاس ٿيندڙ ڪيڊيٽس مڪمل عزم سان ملڪ جي خدمت ڪندا. وزيراعظم محمد نواز پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ پاس ٿيندڙ ڪيڊينٽس کي بيج هنيا، 93 ايويئيشن ڪورس ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي شايان احمد ٽرافي حاصل ڪئي، ايوئيشن جي 113 ڪينڊيٽس گريجيوئيشن مڪمل ڪئي، بهترين ڪارڪردگي تي انڊر آفيسر نوشيروان علي اعزازي شمشير حاصل ڪيو، پاسنگ آئوٽ جي تقريب ۾ 137 هين جي ڊي پي، 83 هين انجنيئرنگ، 93 ايئر ڊفينس، 18 اي اينڊ ايس ڊي، ڇهين نيوي ڪميشن ۽ ٻئي لاجسٽڪ فورس جي ڪينڊيٽس شرڪت ڪئي، وزيراعظم نمبر هڪ چئمپين اسڪوارڊن کي قائد اعظم بينر به ڏنا، 93 ايوسئيشن ڪورس ۾ بهترين ڪارڪردگي تي عمران خان کي ٽرافي ڏني وئي، جڏهن ته انجنيئر جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مهرين اعظم ٽرافي ۽ ونگ انڊر آفيسر مبشر آفتاب کي به ٽرافي سان نوازيو ويو، پريڊ ۾ بچاءَ وارو وزير خواجه محمد آصف، ايئر فورس جو سربراهه چيف ايئر مارشل سهيل امان، ڪي پي ڪي جو گورنر ظفر اقبال جهڳڙا ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *