پاڪ فوج هر قسم جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي

راولپنڊي (آءِم.ڊ) جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪ فوج هر قسم جي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پوري ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو، ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اڱاري ڏينهن اهو عزم جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين راشد محمود جي سربراهي ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ٽنهي پاڪ فوج جي سربراهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪ نيوي جي سربراهه ايڊمرل آصف سنڌيلا، پاڪ هوائي فوج جي سربراهه ايئر مارشل طاهر رفيق بٽ، دفاع سيڪريٽري سميت ٻين اعليٰ عسڪري حڪام شرڪئي. اجلاس ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻا معاملن ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ويچاريو ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن آپريشن ضرب عضب ۾ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ سهڪار ۽ پاڪ فوج طرفان آپريشن ضرب عضب ۽ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪيون ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو ويو. اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين ۽ ايندڙ چئلينجن سان منهن ڏيڻ متعلق پاڪ فوج جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال متعلق معاملا به بحث هيٺ آيا، اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪ فوج تمام وسيلا ڪتب آڻيندي ٻوڏ سٽيلن جي هر ممڪن مدد ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *