پاڪ فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(بيورو) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ امن لاءِ ڳالهيون ئي بهتر رستو آهن،ان ڪري پاڪ فوج هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.ڪور ڪمانڊر اجلاس جي دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي جي خلاف هلندڙ آپريشنز ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته جنرل راحيل شريف آپريشن ضرب عضب ۽ انٽيليجينس جي بنياد تي ڪيل ڪاررواين جو به جائزو ورتو. آرمي چيف لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ فوج بهادري کي ساراهيو.ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران آرمي چيف ملڪ جي سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ڳالهيون ناڪام ڪرڻ  جي ڪوشش ڪندڙ ملڪ دشمن آهن جڏهن ته ڳالهيون ئي بهتر رستو آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *