پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به خطري جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿيۡ: جنرل باجوه

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به خطري جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ سالياني فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس رٿي وئي، 2 ڏينهن واري فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس جي صدارت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪئي. آرمي چيف جي صدارت هيٺ ٿيل فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ جيو اسٽريٽجڪ ۽ قومي سلامتي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندرين سلامتي جي صورتحال ۽ ملڪ کي پيش چيلنجن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي باري ۾ تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف هلندڙ سال فيبروري ۾ تڪرار دوران ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي تعريف ڪئي. آرمي چيف پائيدار امن ۽ استحاڪم جي لاءِ آپريشن رد الفساد ۾ حاصل ڪاميابين کي به ساراهيو. شعبي موجب آرمي چيف جو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته پاڪ فوج مادر وطن جي بچاءِ لاءِ ڪنهن به خطري جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ هر خطري جو جواب ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي. آءِ ايس پي آر فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ملڪ جي خدمت جي لاءِ سموريون ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *