پاڪ فوج دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ جي ڪوش جاري رکندي. هن چيو ته اسان سرحدن جي تحفظ جي لاءِ هر حد تائين وينداسين، اسان پنهنجي سرحدن جا امين آهيون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ايبٽ آباد جو دورو ڪيو جتي هن 2 ڏينهن واري بلوچ رجمنٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي جتي اڳوڻي آرمي چيف اشفاق پرويز ڪياني، ڪمانڊر 10 ڪور ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا ۽ ٻيا ريٽائرڊ جنرل شريڪ ٿيا. ان موقعي تي آرمي چيف کي اعزازي طور تي چيف آف بلوچ رجمنٽ جا رينڪ پيش ڪيا ويا، ان کي ڪرنل ان چيف جي رينڪ به لڳائي وئي. آرمي چيف پاڪ فوج ۾ بلوچ رجمنٽ جي خدمتن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچ رجمنٽ سان تعلق رکندڙ شهدين جي قربانين کي هميشح ياد رکيو ويندو، ملڪ  بچاءَ ۾ بلوچ رجمنٽ جي اهم ڪردارن تي فخر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *