پاڪ فوج جي ڪمان جي تبديلي جون تياريون مڪمل، نئون آرمي چيف سڀاڻي ڪمان سنڀاليندي

ڪراچي(م.د) پاڪ فوج جي ڪمان جي تبدلي جي لاءِ تقريب جون تياريون مڪمل ڪيون ويون  آهن، نئون آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده 29 نمبر تي فوج جي ڪمان سنڀاليندي، تقريب ۾ وفاقي وزير، فوج جا اڳوڻا سربراهه، هوائي ۽ بحري فوج جا سربراهه، فوجي جا اعليٰ آفيسر ۽ ٻيون اعليٰ شخصيتون شرڪت ڪنديون، پاڪ فوج جي ڪمان 16 هين سپهه سالار جنرل قمر جاويد باوجوه کي 29 نومبر جي صبح 10 وڳي سونپي ويندي، تقريب جي باقائده آغاز کان اڳ جنرل راحيل شريف پنهنجي جانشين سان گڏ تقريب ۾ پهچندو، جنرل راحيل شريف کي ان جي فرنٽيئر فورس رجمنٽ جو دستو جڏهن ته جنرل قمر باجوه کي ان جي بلوچ ريجمنٽ جو دستوسلامي پيش ڪندو، تقريب جي سڀ کان اهم لمحي ۾ سبڪدوش ٿيندڙ آرمي چيف جنرل راحيل شريف فوج جي ڪمان جي ڇڙي پنهنجي جانشين جنرل قمر جاويد باوجوه جي حوالي ڪندو، جڏهن ته چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير حيات به تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، جڏهن ته عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود به تقريب ۾ موجود هوندو، غير ملڪي سفارتڪار، رٽائرڊ اعليٰ فوجي  ۽ ميڊيا جي نمائندن کي به دعوت ڏني ويندي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *