پاڪ فوج جي ڪارروائي، 13 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج طرفان آپريشن خيبر 4 تحت راجگال ۽ شوال ۾ ڪيل تازي ڪارروائي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوان به شهيد ٿيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فضائيا، آرمي ايوي ايشن ۽ آرٽلري ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪري ڇڏيا، جڏهن ته 13 دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ 6 زخمي ٿيا آهن. بيان موجب دهشتگردن جي فائرنگ ۾ سپاهي عبدالجبار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پاڪ فوج 90 اسڪوائر ڪلو ميٽر حصو دهشتگردن کان پاڪ ڪرايو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن مختلف هنڌن تي آءِ ڊيز لڳايون هيون، جن کي پاڪ آرمي جي انجنيئرن جي ٽيم ناڪارا بڻائي ڇڏيو. واضح رهي ته پاڪ فوج 16 جولاءِ تي آپريشن الفساد تحت راجگال ۽ شوال ويلي ۾ آپريشن خيبر 4 شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. 27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *