پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف جوانن سان عيد ملهائڻ وزيرستان پهچي ويو

راولپنڊي(م.ڊ) پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف مورچن تي مقرر جوانن سان عيد ملهائڻ لاءِ وزيرستان پهچي ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي جي ڊائيريڪٽر ميجر جنرل عاصم باجوا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ نياپي ۾ چيو ته پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف جوانن سان عيد ملهائڻ لاءِ وزيرستان پهچي ويو آهي جڏهن ته آرمي چيف رات فاتا ۾ رهندو، جنهن کانپوءِ هو صبح جو ٻين مورچن تي به جوانن سان عيد ملهائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *