پاڪ فوج آپريشن ”ضرب عضب“ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، هوائي ڪارروائي، 12 شدت پسند مارجي ويا

خيبر ايجنسي، راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جو آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان هدف ڏانهن جاري، اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ”ضرب عضب“ جو دائريڪار وسيع ڪيو ويو، خيبر ايجنسي ۾ هوائي ڪاروائي، 1 2 شدت پسند مارجي ويا، 0 1 زخمي، 7 ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب خميس ڏينهن خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن شدت پسندن جي ٺڪاڻن تي هوائي ڪاروائي ڪئي. سرڪاري ذريعن موجب ساه ۽ اڪاخيل ۾ شدت پسندن جي ٺڪاڻن تي ڪاروائي ۾ 6 1 شدت پسند مارجي ۽ 0 1 زخمي ٿي ويا جڏهن ته سندن 7 ٺڪاڻا به تباهه ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *