پاڪ سامونڊي فوج جي سربراهه گڏيل قومن کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو آهي ته گڏيل قومون فلسطين ۽ ڪشمير کي حق ڏيارڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن. ڪراچي ۾ سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمدو عباسي جو ميري انٽرنيشنل ٽائم ڪانرنس کي خطاب ڪندي چيو ته امن مشق 2019ع ۾ 45 ملڪ شريڪ ٿيا، دنيا جو 90 سيڪڙو واپار سمنڊ ذريعي ٿيندو آهي، جنهن جي لاءِ سمنڊ ۾ امن قائم ڪرڻ ضروري آهي، پر سمنڊ ۾ هن وقت تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي جيستائين زمين تي امن نه هجي. پاڪستان سمنڊ ۾ امن جي قيام لاءِ عالمي اتحاد جو حصو آهي، سامونڊي فوج دهشتگردي ۽ خاتمي ۽ سامونڊي ڦورن جي خلاف ڪيترائي آپريشن ڪيا آهن جڏهن ته ريجنل ميري ٽائم آپريشن به ڪيو پيو وڃي. ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو ته گڏيل قومون فلسطين ۽ ڪشمير کي حق ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيون آهن، دنيا ۾ جنگ سٽيل ملڪ اسلامي آهن، جنهن ۾ مصر، شام، افغانستان ۽ سوڊان شامل آهن ڇا اسلامي ملڪم ۾ عدم مضبوطي ڪنهن منصوبي جو حصو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *