پاڪ ايران فورسز جي بارڊر تي گڏيل پيٽرولنگ بابت ڊان اخبار جي خبر غلط آهي: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪ ايران فورسز جي بارڊر تي گڏيل پيٽرولنگ بابت ڊان اخبار جي خبر غلط آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ ايران بارڊر تي گڏيل پيٽرولنگ جي حوالي سان ڊان اخبار ۾ ڇپيل خبر ۾ ڪا صداقت ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني بارڊر تي ڪنهن به قسم جي گڏيل پيٽرولنگ نه پئي ٿئي، پيٽرولنگ يا آپريشنز جي ضرورت پئي ته پنهنجي علائقن ۾ لاڳاپيل فورسز ڪنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *