پاڪ-امريڪا لاڳاپن ۾ گذريل 18 مهينن دوران بهتري آئي آهي:سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو)  وزيراعظم جَي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪ-امريڪا لاڳاپن ۾ گذريل 18 مهينن دوران بهتري آئي آهي، دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري آهي، جيڪا آخري شدت پسند جي خاتمي تائين جاري رهندي. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ سرتاج عزيز چيو ته گذريل ڏيڍ سال دوران پاڪ –امريڪا لاڳاپا بهتر ٿيا آهن. هـُن چيو ته پاڪستان روس سميت سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. پرڏيهي صلاحڪار چيو ته خوشحال پاڪستان ۽ افغانستان خطي جي مفاد ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته چين سان سول نيو ڪليئر بابت ڊيل هلي رهي آهي. سرتاج عزيز چيو ته دهشتگردن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جيڪا آخري دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *