پاڪ افغان عسڪري قيادت جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (م.ڊ) افغانستان جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل شير محمد ڪريمي آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.پاڪ فو ج  لاڳاپن واري شعبي( آئي ايس پي آر) مطابق افغان جنرل شير محمد ڪريمي جنرل هيڊ ڪواٽرز( جي ايڇ ڪيو) ۾ پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوارن علائقي  ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آئي ايس پي آر پاران جاري پڌرائي مطابق ٻنهي ملڪن جي فوجي اڳواڻن ملاقات دوران پاڪ افغان سرحدي معاملن، بچاءَ، سهڪار ۽ فوجي ٽرينگ تي به غور ڪيو ويو. جي ايڇ  ڪيو اچڻ تي خاص مهمان کي  پاڪ فوج جي ڦڙتيلي ۽ چست فوجيدستي گارڊ آف آنر به ڏنو. افغان چيف آف اسٽاف شهيدن جي يادگارن تي چادرون به چاڙهيون. فوجي ترجمان مطابق جنرل شير محمد ڪريمي ڪل پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ ٿيندڙ پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ مهمانِ خاص هوندو، جنرل شير محمد ڪريميان تقريب ۾ خطاب پڻ ڪندو. ياد رهي ته ڪنهن به افغاني  فوجي اڳواڻ جو ڪاڪول اڪيڊمي جو هي پهريون دورو هوندو .شفقت حسين  پاران درخواست ڏني وئي ته هن جي عمر جي حوالي سان جوڊيشنل جاچ ڪرائي وڃي. عدالت شفقت حسين  جي عمر جي حوالي سان ايف آءِ آر جي تحقيق تي مطمئن نه ٿيندي صدر ممنون حسين ۽ وزير اعظم نواز شريف سوڌو 9 ڌرين کي نوٽس جاري ڪندي 15 ڏينهن ۾ جواب گهريو. واضع رهي ته شفقت حسين  کي موت جي سزا  تي گذريل مهيني جي 18 تاريخ تي عمل ٿيڻو هو پر صدر ممنون حسين  عمر جي ڄاڻ  جي لاءِ ڏوهاري جي  ڦاهي  واري  عمل تي هڪ مهينو اڳتي ڪري ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *