پاڪستان 290 ڪلوميٽرن تائين هدف کي سولائيءَ سان نشانو بڻائيندڙ بيلسٽڪ ميزائيل غزنوي جو ڪامياب ڪري ورتو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان بيلسٽڪ ميزائيل غزنوي جو ڪامياب ترجبو ڪري ورتو آهي. پاڪ فوج ترجمان ميجر جنرل آصف غفور موجب پاڪستان بيلسٽڪ ميزائيل غزنوي جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائيل غزنوي جو تجربو گذريل رات ڪيو ويو، ميزائيل هر قسم جي رواتي ۽ غير روايي وار هيڊز کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ 290 ڪلوميٽرن تائين پنهنجي هدف کي سولائيءَ سان نشانو بڻائي سگھي ٿو. صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان بيلسٽڪ ميزائيل غزنوي جي ڪامياب تجربي تي قوم ۽ ان منصوبي سان سلهاڙيل سائنسدانن کي مبارڪ ڏني آهي. واضح رهي ته ان اڳ پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل شاهين ٽو  جو ڪامياب تجربو ڪيو هو  پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر ذريعي ميزائل جي ڪامياب تجربي جو اعلان ڪيو ويو هو.  پاڪ فوج جي ترجمان موجب شاهين ٽو 15 سئو ڪلو ميٽرن تائين هدف کي نشانو بڻائڻ ۽ روايتي ائٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته هو ميزائل تجربي سان پاڪستان جي خطي ۾ گهٽ ۾ گهٽ مزاحمت برقرار رکڻ جي صلاحيت وڌي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *