پاڪستان ۾ 2015کان 2013 تائين 80 هزار ماڻهو دهشتگردي جي ور چڙهيا: رپورٽ

واشنگٽن (م.د) عالمي امن جنگ ۽ جدال جي خلاف ڪم ڪندڙ تنظيمن پاران جاري ٿيل تازن انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ 2005 کان 2013 تائين 80 هزار ماڻهو دهشتگردي جي مختلف ڪارروائين ۾ مارجي ويا آهن نئين دهلي ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف ڪون فلڪٽ مئنجمينٽ سان جڙيل ڏکڻ ايشيائي دهشتگردي پينل جي رپورٽ ۾ موجود انگن اکرن مطابق دهشتگردي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن ۾ شهرين کان علاوه سيڪيورٽي ادارن جا اهلڪار شآمل آهن ڪيترائي دهشتگرد به مارجي ويا ايس اي ٽي پي جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2013 جي پڄاڻي تائين پاڪستان ۾ ٿيندڙ مختلف دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ 26 هزار 862 دهشتگرد ۽ 5 هزار 498 سيڪيورٽي  ادارن جا اهلڪار شهيد ٿيا آهن ايس اي ٽي پي مطابق سال 2013 ۾ 3 هزار هڪ شهري پاڪستان ۾ زندگي وڃائي ويٺا ان حوالي سان فزيشن فار سوشل ريسپونسبلٽي فزيشن فار گلوبل سرائيول ۽ نوبل انعام يافته تنطيم انٽرنيشنل فزيشن فار پري وينسيشن فار نيو ڪليئر وار جي گڏيل رپورٽس ۾ به ملندڙ جلندڙ انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽيڊيز پاران گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق سال 2005 کان 2012 دوران 34 هزار شهري مارجي ويا صرف 2011 ۾ 6 هزار 550 شهري ۽ سال 2012 ۾ 4 هزار 711 شهري شهيد ٿيا سمورن رپورٽن جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ته سال 2013 جي پڄاڻي تائين سڄي ملڪ ۾ 48 هزار شهري شهيد ٿيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *