پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 58 ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا، 2357 نوان ڪيس به رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ هڪ دفعو ٻيهر 31هين نمبر تي اچي ويو جتي اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي اين سي او سي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 2 هزار 357 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 58 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا، وڌيڪ 2 هزار 688 مريض صحتياب ٿي ويا هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.89 سيڪڙو ٿي وئي. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 27 هزار 432 مريص لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته ڪل مريضن جو انگ 12 لک 32 هزار 595 ٿي چڪو آهي، ملڪ م اسپتالن آئيسوليشن سينٽرز، وينٽِ ليٽر ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 61 هزار 558 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 4 هزار 561 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي 11 لک 43 هزار 605 مريض هن وت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 48 هزار 151 ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 90 لک 49 هزار 329 ڪرونا  ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6 لک 23 هزار 473 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي هن وقت تائين ڪل 7 ڪروڙ 61 لک 41 هزار 484 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته 2 ڪروڙ 54 لک 93 هزار 964 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي سنڌ م ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌي 4 لک 53 هزار 51 ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڪرونا وائرس وگهي ڪل فوتي 7 هزار 310 ٿي ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *