پاڪستان ۾ ڪرپشن چار درجا وڌي وئي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

اسلام آباد (اين اين آءِ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن گذريل سال جي ڀيت ۾ وڌي ويئي آهي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن بابت عالمي ريڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ 180 ملڪن جي لست ۾ پاڪستان 124هين نمبر تي آيو آهي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ موجب ڪرپشن ريڪنگ ۾ پاڪستان جي گذريل سال جي ڀيت ۾ 4 درجا پوئتي ويو 2019 ۾ ڪرپشن بابت هن لسٽ ۾ پاڪستان جي رينڪ 120 هئي گذريل سال ڪرپشن جي خلاف پاڪستان جو اسڪور ريٽ 31 رهيو جڏهن ته ڀارت ڪرپشن جي خلاف 40 اسڪور سان 86 نمبر تي رهيو ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ ۾ سوماليا، ۽ ڏکڻ سوڊان سڀ کان ڪرپٽ ملڪ قرار ڏنا ويا آهن نيوزيلينڊ ۽ ڊينمارڪ ڪرپشن جي خلاف 88 اسڪور سان پهرين نمبر تي رهيو ڪينڊا ۽ برطانيا 77 پوائنٽ اسڪور سان يارهين آمريڪا 67 پوائنٽ سان 25هين نمبر تي رهيو سنگاپور جو اسڪور 85، برطانيا جو 77، يو اي اي جو 71 رهيو چيئرمين ٽرانسپيرنسي انٽرنيشل پاڪستان چيپٽر سهيل مظفر جو چوڻ هو ته گذريل ٻن سالن ۾ نيب ڪرپسن جا 365 ارب رپيا ايڪسپورٽ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر ان جي باوجود پاڪستان جي رينڪ 124 ٿي عالمي انصاف پروگرام، (ڊبليو جي پي) رول آف لا اينڊ ورائٽيز آف ڊيموڪريسي پاران پڇيل سوال سرڪاري آفيسرن قانونسازن ايگزيڪيوٽو عدليه پوليس ۽ فوج جي ڪرپشن بابت هئا جنهن جي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان جي چيئرمين سهيل مظفر وضاحت ڪئي هن زور ڏنو ته حڪومت انهن چئني شعبن ۾ پنهنجي ڪاڪردگي بهتر ڪئي آهي هن چيو ته نيب پاران گذريل ٻن سالن دوران 3 کرب 63 ارب رپيا ايڪسپورٽ ڪرڻ ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران 3 کرب رپيا هٿ اچڻ جي دوائن ۽ غير معمولي ڪوششن جي باوجود ريڪنگ ۽ اسڪور گهٽ ٿيو خطي جي ٻين ملڪن ۾ ڀارت، ايران ۽ نيپال جو اسڪور هڪ درجو جڏهن ته ملائيشيا جو ٻه درجا گهٽ ٿيو پر افغانستان جو اسڪور 3 درجه ۽ ترڪي جو هڪ درجو بهتر ٿيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *