پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 40 ڄڻا فوت، وڌيڪ 2 هزار 167 ڪيس ظاهر

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي چوٿين لهر ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، وائرس سان وڌيڪ 40 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا هاڪاري ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 2 هزار 167 ڪيس ظاهر ٿيا آهن وڌيڪ 40 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. وڌيڪ 2312 مريض صحتياب ٿي ويا، جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.22 سيڪرو ٿي وئي. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 27 هزار 246 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، ڪل مريضن جو انگ 12 لک 26 هزار 8 ٿي چڪو آهي ملڪ ۾ اسپتالن، آئيسوليشن سينٽرز وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 63 هزار 724 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 4 هزار 840 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 11 لک 35 هزار 38 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 51 هزار 348 ٽيسٽون ڪيون ويون هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 89 لک 3 هزار 808 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 لک 29 هزار 30 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي هن وقت تائين ڪل 7 ڪروڙ 29 لک 86 هزار 511 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن 2 ڪروڙ 39 لک 66 هزار 26 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ 4 لک 50 هزار 787 ٿي چڪو آهي، ڪل فوتگيون 7 هزار 270 ٿي ويون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *