پاڪستان ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 4 ھزارن ويجھو ڪيس ظاهر، 103 ماڻهو وبا وگهي فوت

اسلام آباد  (اين اين آءِ) ڪرونا مريضن جي تعداد جي حوالي سان جوڙيل لست ۾ پاڪستان 31 نمبر تي آهي نيشنل ڪمان ايند ڪنٽرول سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 3 هزار 953 ڪيس ظاهر ٿيا آهن وڌيڪ 103 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا آهن هن بيماري مان 2198 مريض صحتياب ٿي ويا هاڪاري ڪيس اچڻ جي شرح 8.4 سيڪڙو ٿي ويئي. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتين جو گڏيل انگ 14 هزار 924 ٿي ويو آهي ڪل مريضن جو انگ 6 لک 96 هزار 184 ٿي چڪو آهي 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 46 هار 665 ٽيسٽون ڪيون ويون هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 4 لک 93 هزار 362 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينه سينٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا ڪل 63 هزار 102 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 3 هزار 645 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي 6 لک 18 هزار 158 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن کابن وڌيڪ 2 لک 66 هزار 926 ٿي چڪو ڪل 4 هزار 510 فوتگيون ٿيون ٽين لهر دوران پنجاب ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن هن وقت تائين 2 لک 35 هزار 569 مريض ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته هتي ڪل فوتگيون ٻين صوبن کان وڌيڪ آهن جيڪي 6675 آهن خيبرپختونخواهه ۾ مريضن جو انگ 93 هزار 33 ٿي چڪو آهي ڪل فوتين جو انگ 2 هزار 469 ٿي ويو اسلام آباد ۾ 62 هزار 211 مريض ظاهر ٿيا آهن هن وقت تائين هتي ڪل 584 مريض هن وبا وگهي فوت ٿي چڪا آهن ڪرونا وائرس جا بلوچستان ۾ 19 هزار 855 مريض هن وقت تائين رپورٽ ٿيا آهن جتي 211 ماڻهو هن مرض وگهي فوت ٿي چڪا آهن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هن وقت تائين 13 هزار 529 مريض رپورٽ ٿيا آهن هتي ڪل 372 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 61 ڪرونا وائرس جا مريض ظاهر ٿيا آهن هن وقت تائين 103 مريض فوت ٿيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *