پاڪستان ۾ پوليو جو خطرو ٽري نه سگهيو. ملڪ جي 12 وڏن ملڪن ۾ خطرناڪ پوليو وائرس پي 1 جي موجودگي جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پوليو جو خطرو ٽري نه سگهيو. ملڪ جي 12 وڏن ملڪن ۾ خطرناڪ پوليو وائرس پي 1 جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي. نيشنل پوليو ڪنٽرول پروگرام راولپنڊي جي 16، اسلام آباد جي 5 يونين ڪونسلز جي پوليو مهم ۾ حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي آهي. ٽنهي ضلعن ۾ 10 سالن تائين جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  پشاور، ڪراچي، پشين ۽ حيدرآباد ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي. ملتان، راولپنڊي ۽ مردان جي گٽرن جي پاڻي ۾ به پوليو وائرس مليو آهي. نيشنل پوليو ڪنٽرول پروگرام طرفان لاهور شهر کي پوليو لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. قلعي عبدالله، مردان ۽ ڏکڻ وزيرستان جي گٽرن جي پاڻي ۾ به پوليو وائرس ملڻ جي شڪايت سامهون آئي آهي. حڪومت پوليو اهلڪارن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ به اهم فيصلو ڪيو آهي. سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم ۾ 1 لک فوج ۽ پوليس جا اهلڪار پوليو اهلڪارن جي حفاظت تي مقرر هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *