پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهو هڏا ڀرڻ واري بيماري ۾ مبتلا، 70 لک عورتون شامل

حيدرآباد (م.ڊ) پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو هڏن جي ڀرڻ واري بيماري ۾ مبتلا آهن، عورتون هڏن جي ڀرڻ جي بيماري جو وڌيڪ شڪار آهن، 70 لک عورتن کي هڏن جي ڀرڻ واري بيماري لاحق آهي، 50 سالن کان مٿي ڄمار وارا مرد ۽ عورتون ڄاڻايل بيماري جو شڪار ٿين ٿيون. رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ هڏن جي ڀرڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. عالمي ڏينهن جي موقعي تي دنيا سميت پاڪستان ۽ سنڌ ۾ به هڏن جي ڀرڻ واري بيماري بابت ماڻهن کي آگاهي ڏني ويندي. اهو ڏينهن دنيا جي 90 ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي. سڀ کان پهرين اهو ڏينهن 1996ع ۾ برطانيه جي اوسٽيوپروسس سوسائٽي طرفان ملهايو ويو. بعد 1997ع کان يورپي ملڪن ان تائيد ڪئي ۽ 1999ع کان ڊبليو ايڇ او پڻ ان ڏينهن کي ملهائڻ شروع ڪيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن بيماري جي ڪري مرد ۽ عورت ٻئي متاثر ٿين ٿا جڏهن ته مردن جي مقابلي ۾ عورتون ان بيماري جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون. هڪ اندازي موجب 50 سالن کان مٿي ڄمار وارين عورتن ۾ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو عورتن ۾ ڪرنگهي جي هڏين، دڏن ۽ ڪرائي ۾ فريڪچر ٿئي ٿو. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به هر سال 7 لک ماڻهو ڪرنگهي جي هڏي ۾ فريڪچر، اڍائي لک ماڻهو دڏن جي فريڪچر ۽ اڍائي لک ماڻهو ڪرائي جي فريڪچر ۾ مبتلا ٿين ٿا. پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو هڏن جي ڀرڻ واري بيماري ۾ مبتلا آهن جن ۾ 70 لک کان وڌيڪ عورتون ۽ اڍائي لک کان وڌيڪ مرد شامل آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اوسٽيوپروسس يعني هڏن جي ڀرڻ جي بيماري خانداني به ٿئي ٿي جيڪا پنهنجي مائرن مان ٻارن ۾ منتقل ٿيندي آهي. ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي جي گهٽتائي هن مرض کي پکيڙي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪيلشم هڪ اهڙو جز آهي جنهن ۾ منرل شامل هجي ٿو جيڪو هڏين کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿو جڏهن ته جسم ۾ وٽامن ڊي جو مقرر مقدار ۾ هجڻ ضروري آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جسم ۾ ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي جي گهٽتائي هوندي يا جسم ڪيلشم کي کاڌي مان حاصل نه ڪري سگهندو ته ان صورت ۾ هڏين جو ڀرڻ شروع ٿيندو آهي. گهڻا سگريٽ ڇڪڻ، شراب واپرائڻ، ڪينسر، ٽي بي، سنڌن جي سور جهڙيون بيماريون ۽ ڪجهه دوائن جي استعمال سان به هڏن جي ڀرڻ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *