پاڪستان ۾ فنڪارن جي ڪابه عزت ناهي: عدنان سميع

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور راڳي عدنان سميع پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ فنڪارن جي ڪابه عزت ناهي، عدنان سميع جيڪو 2 سالن کان ڀارتي شهريت حاصل ڪري چڪو آهي ڀارتي ميڊيا سان ڳالاهئيندي چيو ته پاڪستان ۾ فنڪارن کي ڪابه عزت نه ٿي ڏني وڃي.مون سان به پاڪستاني حڪومت جو سلوڪ تمام ڏکوئيندڙ هو. عدنان سميع پنهنجي بيان ۾ اهو به وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي برعڪس ڀارتي حڪومت پاڪستاني فنڪارن کي نه صرف عزت ڏئي ٿي پر ان جي هنر کي تمام گهڻو ساراهي به ٿي.عدنان سميع ٻڌايو ته مون کي ڀارتي شهريت حاصل ڪرڻ سبب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو پر مون کي ان ڳالهه سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ڇو ته جيڪا عزت ۽ مرتبو مون ڀارت ۾ ڪمايو آهي اهو مقام مون کي پاڪستان ۾ ايترن سالن ۾ نه مليو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *