پاڪستان ۾ غريب ۽ هيٺئين طبقي جي حڪمراني جو انقلاب ضرور ايندو: الطاف حسين

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته حق پرست شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ شهيدن جي مقدس خون جي صدقي پاڪستان ۾ غريب ۽ هيٺئين طبقي جي حڪمرانن جو انقلاب ضرور ايندو 9 ڊسمبر يوم شهداءِ حق جي موقعي تي پنهنجي خصوصي بيان ۾ الطاف حسين سمورن حق پرست شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته حق پرست شهيدن جي حق پرستي جي نظرئي، مشن، مقصد ۽ ڪاز لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو پر ڪنهن ظالم قوت اڳيان سر نه جهڪايو قوم جي بهتر مستقبل لاءِ پنهنجين قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ حق پرست شهيد ايم ڪيو ايم جو قيمتي سرمايو آهن، الطاف حسين چيو ته حق پرست شهيدن جي لازوال قربانين جو ثمر آهي جو اڄ ايم ڪيو ايم جو حق پرست فڪر ۽ فلسفو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت پوري پاڪستان ۾ ڦهلجي چڪو آهي، پوري ملڪ ۾ جاگيرداراڻي نظام خلاف غريب ۽ هيٺئين طبقي جي حڪمراني جو شعور تيزي سان وڌي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *