پاڪستان ۾ غربت ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ خوشحالي آئي آهي ؛ مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف طرفان عوامي حلقن ۾ غلط تاثر پکيڙيو پيو وڃي، ڪيترن ئي منصوبن جا افتتاح ٿيا آهن، جنهن سان عمران خان کي تڪليف پهتي آهي، هن چيو ته ملڪي ادارن جي توهين ڪئي پئي وڃي، عمران خان جي حق ۾ فيصلا نه ٿا اچن ته اهو الزام تراشي ڪري ٿو، وزيراعظم کي ڇوٽ حاصل آهي پر هن ڪڏهن فائدو ناهي کنيو، مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۾ غربت ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ خوشحالي آئي آهي، وزيراعظم نواز شريف عوام جو مقبول ترين ليڊر بڻجي چڪو آهي، وزيراعظم پنهنجي مرحوم والد جي ڪاروبار جو جواب ڏئي رهيو آهي، اسان 70 سالن جو جواب ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته نواز شريف جي سياست پاڪستان جي ماڻهن جي ترقي جي سياست آهي، مريم نواز پاڪستان جو پهريون هيلٿ ڪيئر پروگرام شروع ڪرايو، پاناما ڪيس تي سياست چمڪائي وئي ۽ ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *